اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظ?? عمران خان پاڪستان کي اقليتن لاءِ محفوظ ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، مديني جي ري??ست جي اصولن تي اهڙو نئون پاڪستان بڻائڻ چاهي ٿو جتي اقليتون محفوظ ۽ سمورن شهرين لاءِ برابر موقعا ميسر هوندا. وزيراعظم ملڪ کي مديني جي ري??ست جي اصولن موجب بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي.