اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سڌ سماءَ، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي ??زير عطا الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف سينيٽر زرقا ۽ سندس پٽ کي اغوا، تشدد ڪرڻ ۽ رشوت ڏيڻ جو الزام لڳايو، سوال ته بڻجي ٿو ته جيڪڏهن سينيٽر زرقا اغوا ٿي هئي ته پوءِ اغوا ڪندڙ کيس سينيٽ ۾ ڇو نه آندو؟ گذريل ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي ??زير چيو ته تحريڪ انصاف الزام لڳايو هو ته سينيٽر زرقا کي اغوا ڪيو ويو، م??رڪٽ ڪئي وئي ?? رشوت ڏني وئي، اهڙي طرح اهو الزام به لڳايو ته زرقا جي پٽ کي اغوا ڪيو ويو ۽ تشدد ڪيو ويو. سوال بڻجي ٿو ته جيڪڏهن سينيٽر زرقا اغوا هئي ته پوءِ اغوا ڪارن کي سينيٽ ۾ ڇو نه وٺي آيا، صحيح چوندا آهن ته ??وڙ جا پير ناهن هوندا.