لاهور-30 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اهتمام هيٺ جشن پارلياماني بالادستي 31 آڪٽوبر تي چيئرنگ ڪراس مال روڊ تي ملهايو ويندو. ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي پنجاب ۽ لاهور جي چئني ضلعن ۾ ت??اريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پارٽي پاران جاري ڪ??ل بيان موجب ان سلسلي ۾ جيالن جا قافلا 3 وڳي چيئرنگ ڪراس مال روڊ پهچندا جتي پي ايس ايف پيپلز يوٿ، ليبر ونگ، اقليتي ونگ ۽ ٽرانسپورٽ ونگ جا قافلا پڻ ج??ن ۾ شرڪت ڪندا. جشن ۾ آتش بازي جو پڻ مظاهرو ڪيو ويندو.