رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ??ه پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهم?? جي يادداشن جا مثبت نتيجا ??امهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري وزير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو و??اق?? وزير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو و??اق?? وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو و??اق?? وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو و??اق?? وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو و??اق?? وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو و??اق?? وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي سيڙپڪاري واري وزير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پاڪستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا ??امهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مضبوط اقتصادي تعاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سعودي وزير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.