اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي، اهو پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي محنت جو نتيجو آهي، 5 مهينن ۾ 400 پ??ليس اهلڪارن جي پروموشن ڪئي وئي آهي، عورت پوليس اسٽيشن سيف سٽي ۾ قائم ڪي??ن ويون آهن انهن کي جلد جدا ڪي?? ويندو. پوليس لائينز اسلام آباد ۾ شهيدن ۽ غازين جي اعزاز ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد پوليس جي شهرين جي تحفظ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندو آيو آهي، 5 مهينن ۾ ڏوهن ۾ 38 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، انهن پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي محنت جو نتيجو آهي، 5 مهينن ۾ 400 پ??ليس اهلڪارن جي پروموشن ڪئي وئي آهي، عورت پوليس اسٽيشن سيف سٽي ۾ قائم ڪي??ن ويون آهن انهن کي جلد جدا ڪي?? ويندو، مارگلا پيٽرول يونٽ قائم ڪي??، 27 ٿاڻن جي ٻيهر بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، 17 ٿاڻا مسواڙ جي جاين ۾ آهن، انهن کي جلد سرڪاري عمارتن ۾ منتقل ڪي?? ويندو، 10 خدمت مرڪز ڪم ڪري رهيا آهن، سفارتي عملي ۽ غيرملڪين جا جدا خدمت مرڪز قائم ڪري رهيا آهيون، سيف سٽي ک?? توسيع ڏئي 7700 ڪئميرائن تائين کڻي وينداسين. آءِ جي اسلام آباد پوليس علي ناصر رضوي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسلام آباد پوليس شهيدن ۽ غازين جي وارث آهي، اسلام آباد پوليس اسٽريٽ ڪرائيم کان دهشتگردن جي خاتمي تائين مشن سرانجام ڏنا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن موجب وفاقي گهرو وزير جي قيادت ۾ خدمت خليق ۽ انصاف جي فراه??ي ۽ شرپسندن جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون.