اسلام آباد- 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آص?? علي زرداري اتر وزيرستان جي علائقي اسپين وام ۾ خوارجي دهشتگردن خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ڪندي دهشتگردن سان وڙهندي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت وطن جي دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت س??يت س??ورن بهادر جوانن جي حب الوطني جي جذبي کي سارهيو. صدر مملڪت دهشتگردن خلاف ڪارروائيون جاري رکڻ جي قومي عزم جو اظهار به ڪيو. صدر مملڪت شه??د جوانن جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي سمورن شه??دن جي بلند درجن ۽ ڏکوئيل ڪٽنبن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.