اسلام آباد-24 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار ڀرٿ جي خاص ??دا??ت تي پمز اسپتال لاءِ ايڇ وي اي سي منصوبي جي پي سي ون منظور ڪئي وئي آهي. ڪالهه جاري ڪيل پنهنجي هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته 1700 ٽن ايڇ وي اي سي جي گنجائش 2500 ٽن تائين وڌائي وئي. هن چيو ته منصوبي جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، جڏهن ته ان منصوبي تي 1654 ملين رپيا لاڳت ايندي ۽ 6 مهينن اندر منصوبو مڪمل ٿيندو. هن چيو ته صحت جي شع??ي ۾ بهتري لاءِ سڌارن جو س??سلو جاري آهي. گرمي?? جي موسم ۾ مناسب ڪولنگ سسٽم نه هئڻ سبب مريضن کي ڏُکيائيون درپيش آهن، انهن قدمن سان گرمي جي موسم ۽ سياري ۾ گرمي پد معتدل رهندو. هن چيو ته عوام جي بهتري ۽ اسپت??لن ۾ جديد سهولت?? جي فراهمي کي يقيني بڻائي رهيا آهيون، سرڪاري اسپت??لن جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائڻ جو پختو عزم ڪيو آهي.