اسلام آباد – 20 – سيپٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪ??ور??ي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته اسان جي بهادر جوانن جي جرئت ۽ بهادري ??ي ڪري ڪيترائي دهشتگرد مارجي ويا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب محمد شهباز شريف چيو ته خوارج جو پاڪ زمين تان مڪمل خاتمو اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪ??ور??ي فورسز جي چيڪ پوسٽ تي حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيدن جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ سگهه جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تا??ين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري ??هندي.