اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ جي گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي 79 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جتي هو گهڻ رخي عمل جي لاءِ پاڪستان جي ثابت قدم عزم جو ورجاءُ ڪندو ۽ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل قومن جي ڪردار جي حمايت جو اظهار ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ??شم??ر جي مسئلي ۽ پراڻي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏيندو. هن چيو ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسي??بل?? جي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪر??ٽر?? جنرل، جنرل اسي??بل?? جي صدر ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان ملاقات ڪندو. هو سطح سمنڊ ۾ وڏي تعداد ۾ پيدا ٿيندڙ وجودي خطرن ۽ ”ليڊرشپ فار پيس“ سميت اعليٰ سطح جي ڪيترن ئي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کليل بحث ۾ حصو وٺندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جيڪو وزيراعظم سان گڏ هوندو، 22 ۽ 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪر??ٽر?? پاران گهرايل ”سمٽ آف دي فيوچر“ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. هو او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني رابطا ميٽنگ، ڄمون ۽ ??شم??ر تي او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس، جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس ۽ غيروابسته تحريڪ جي وزارتي اجلاس ۾ پڻ حصو وٺندو.