اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپي??ر سردار اياز صادق آءِ جي اسلام آباد کي قانوني طريقيڪار موجب گرفتار قومي اسيمبلي جي ميمبر?? کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سمورن گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. گذريل ڏينهن جي واقعي جي مڪمل جاچ عمل ۾ آ??دي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پارلياماني پارٽين جي اڳواڻن ۽ ميمبرن سان پنهنجي چيمبر ۾ ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي پارليامينٽ جي ميمبرن قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن جي پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اسپيڪر کي گذارش ڪئي ته ان واقعي تي سخت ايڪشن ورتو وڃي. اسپيڪر ان معاملي کي سمورين پارٽين سان گڏجي حل ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سمورين پارٽين اهڙن معامل?? کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جامع ضابطه ڪار بنائڻ تي به اتفاق ڪيو. اسپيڪر جو چوڻ هو ته ڪالهوڪو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، ??ارليامينٽ جا سمورا ميمبر منهنجي لاءِ انتهائي احترام جي قابل آهن، پارليامينٽ جي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو، اسيمبلي ميمبرن جي گرفتاري جا اطلاع انتهائي ڳڻتيءَ وارا آهن. هن چيو ته پارليامينٽ مان گرفتارين جي حوالي سان فوري ۽ مڪمل جاچ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپيڪر آءِ جي اسلام آباد کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪري واقعي بابت ڄاڻ به حاصل ڪئي ۽ آءِ جي کي هدايت ڪئي ته قانوني طريقيڪار موجب سمورن گرفتار ميمبر?? کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ گرفتار ميمبرن سان مهذب ورتاءُ ڪيو وڃي ۽ کين بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. اسپي??ر سان ملاقات ڪندڙن ۾ اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر، طارق فضل چوڌري، ??ور عالم خان، شاندانه گلزار، خالد حسين مگسي، ??ذهبي معاملن وارو وزير چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، امجد علي خان، شاهد?? اختر علي، علي محمد خان، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا ۽ ٻيا شامل هئا.