اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جرمني جي تعاون کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن، جن کي هو وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم سان جرمني جي اقتصادي تعاون ۽ ترقي وا??ي وز??ر سوينجا شولزي جي وز??راعظم هائوس ۾ ملاقات ٿي. وز??راعظم محمد شهباز شريف وز??ر شولزي جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جرمني جي تعاون کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ جرمني جي وچ ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا موجود آهن. هن پاڪستان جي صنعتي ترقي ۾ جرمني جي ڪردار کي ساراهيو. ان ڏس ۾ وز??راعظم جرمن حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. وز??راعظم پائيدار ترقي، موسمياتي تبديلين جي موثر اثرن ۾ گهٽتائي ۽ معاشي واڌويجهه جي لاءِ پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪيو. جڏهن ته ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ سڌارن سميت پنهنجي حڪومت جي ترجيحن جو به ذڪر ڪيو. وز??ر شولزي وز??راعظم کي چانسلر اولاف شولز جو مب??رڪ??اد وا??و پيغام ??هچايو ۽ پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي تعاون جي شعبن ۾ گڏيل حصيداري مضبوط بڻائڻ جي لاءِ جرمني جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن اهو به ٻڌايو ته جرمني پاڪستان جي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچاءُ جي قدمن لاءِ پنهنجو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وز??راعظم ۽ جرمني جي اقتصاديات وا??ي وز??ر ٻطرفي اقتصادي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان گڏوگڏ هنرمند افرادي قوت جي برآمد ۾ اضافو شامل آهي. هن غزه جي صورتحال ۽ يوڪرين تڪرار سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وز??ر سوينجا شولزي چانسلر اولاف شولز پاران وز??راعظم کي آڪٽوبر ۾ هيمبرگ پائيداري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت به ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي پاران سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جنهن ۾ نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر، منصوبابندي وا??و وفاقي وز??ر، اقتصادي معاملن وا??و وفاقي وز??ر، واپار وا??و وفاقي وز??ر ۽ آءِ ٽي وا??ي مملڪتي وز??ر شامل هئا.