اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر طفيل محمد (نشان حيدر) کي سندس 66هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر طفيل محمد شه??د جي فرض ??نا??ي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ميجر طفيل محمد شه??د (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو عظيم مثال قائم ڪندي ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر طفيل محمد شه??د (نشان حيدر) پنهنجي زخمن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي مشن کي پورو ڪيو ۽ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ميجر طفيل محمد شه??د (نشان حيدر) جي فرض ??نا??ي، همت ۽ بهادري ۽ ملڪ جي حفاظت جي وچن جي پاسداري نوجوان نسل جي لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت سڄي قوم کي پنهنجي شه??دن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. پاڪستاني قوم هٿياربند فوج جي جوانن ۽ آفيسرن جي هن ملڪ جي حفاظت جي لا??ِ قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي.