اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشميري عوام ??ي امنگن جي خلاف ڪو فيصلو قابل قبول نه آهي، پاڪستان هر فورم تي ڪشمير مسئلي کي ڀرپور انداز ۾ اٿاريو آهي، ڀارت اڄ کان 5 سال اڳ پنهنجي آئين ۾ ترميم ڪري پاڻ کي هڪ غيرآئيني قدم کنيو آهي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي ??وقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن کانسواءِ ڪل جماعت حريت ڪانفرنس جا اڳواڻ پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي ??اء?? جدوجهد ڪندڙ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت ايترو ئي جمهوريت جو دعويدار آهي ته هو ڄمون ۽ڪشمير ۾ فوري طور تي ريفرنڊم ڪرائڻ جو اعلان ڪري، ڀارتي ظلم ۽ غيرآئيني قدم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ڀارت جي غيرآئيني قدمن جو مقصد علائقي جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشمير مسئلي وانگر غزه جي ??سلمانن، جتي 40 هزار ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جي ??اءِ پڻ هر فورم تي آواز اٿاريو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير هڪ ڏينهن پاڪستان سان شامل ٿي رهندو. ان کان اڳ ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي ??وقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس پاران ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ريلي ڪڍي وئي جنهن جي ??يادت پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي ڪئي. ريلي ۾ پرڏيهي آفيس جي آفيسرن ۽ ملازمن سميت زندگي جي ??ختلف شعبن سان واڳيل ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي جي شرڪت ڪندڙ بعد ۾ پارليامينٽ آڏو ڊي چوڪ تائين ويا جتي ريلي هڪ ج??سي جي شڪل اختيار ڪري وئي. ريلي کي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ ٻين مقررين خطاب ڪيو. ريلي ۾ شريڪ ماڻهو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع کان جاري ڀارت جي ??ڪطرفي ۽ غيرقانوني قدمن جي ??ذمت جي ??اءِ بينر کنيل هئا. ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عالمي سطح تي مڃيل تڪرار جي حيثيت کي ڪمزور ڪرڻ جي ??اءِ اڄ 5 سال اڳ هڪ طرفا ۽ غيرقانوني قدم کنيا، ڀارت 5 آگسٽ 2019ع کان وٺي هيستائين علائقي ۾ پنهنجي غيرقانوني قدمن سان عالمي قانونن، ڪشميري عوام ??ي امنگن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن جي ??اضح خلاف ورزي ڪري رهيو آهي. ريلي جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان ??ي ان موقف جو هڪ ڀيرو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن موجب ڄمون ۽ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي ??اءِ انهن جي جاري منصفاڻي جدوجهد ??ي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو.