لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي)اڳوڻي ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان شيخ انوار الحق چيو آهي، ته ڀارتي حڪومت ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جي بازار گرم ڪري رکي آهي، ڀارت ۾ نه رڳو ڪشميرين پر ٻين اقليتن لاءِ به زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، سڀئي پاڪستاني ڪشميري عو??م سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن جي جدوجهد ۾ سندن ساٿ ڏيندا. هن يوم استحصال ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت جي هڪ طرفي طور غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ اتي جي عو??م جا حق پائمال ٿي رهيا آهن. هن عالمي برادري جي بي حسي تي افسوس جوا ظهار ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي گناهه ڪشميرين تي ٿيندڙ انسانيت کي ڏکوئيندڙ ظلمن تي عالمي برادري جي خاموشي انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته مشڪل ترين حالتن ۾ به ڪشميرين جو عزم ۽ حوصلو ??لن?? آهي ۽ هو پنهنجي جدوج??د کان پوئتي نه هٽندا. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي ڪرنگهي جي هڏي آهي ۽ پاڪستان کان سواءِ اڻ پورو آهي، پاڪستان ڪشمير جي مسئلي تي پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو ۽ ڪشميري عو??م جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.