راولپنڊي -16 جولاءِ (اي پي پي) ڪينٽ بنون تي دهشتگرد حملي ۾ 8 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا، سيڪيورٽي فورسز وقت سر ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن جي ڇانوڻي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ سمورن 10 ئي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پريس رليز مطابق 15 جولاءِ تي صبح جو 10 دهشتگردن تي ٻڌل هڪ گروپ بنون ڪينٽ تي حملو ڪيو، ڇانوڻي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش کي سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن اثرائتي طريقي سان ناڪام بڻائي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي ڇانوڻي جي د??وا?? سان ٽڪرائي ڇڏي. آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ د??وا?? جو ڪجهه حصو ڪري پيو ۽ ڪجهه انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 8 بهادر جوان شهيد ٿي ويا. شهيدن ۾ نائب صوبيدار محمد شهزاد (عمر 44 س??ل، رهائش ضلع پونڇ آزاد ڄمون ڪشمير)، حوالدار ضلال حسين (عمر 39 س??ل، رهائش ضلع خوشاب)، حوالدار شهزاد احمد (عمر 28 س??ل، رهائش ضلع نيلم آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان (عمر 30 س??ل، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد (عمر 22 س??ل، رهائش ضلع مظفر آباد، آزاد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان (عمر 30 س??ل، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم (عمر 26 س??ل، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي (عمر 34 س??ل، رهائش لڪي مروت) شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق بعد ۾ پاڪ فوج جي جٿن اثرائتي طريقي سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سمورن 10 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. سيڪيورٽي فورسز جي ان وقت سر ۽ اثرائتي جواب ڪنهن وڏي نقصان کان بچائي ورتو ۽ قيمتي معصوم زندگيون بچي ويون. سيڪيورٽي فورسز جي بهادري ۽ ڪارروائي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اڻٿڪ عزم جو پاڻ ڳالهائيندڙ ثبوت آهي.دهشتگردي جي اها بزدلاڻي ڪارروائي حافظ گل بهادر گروپ ڪئ?? آهي، جيڪو افغانستان مان ڪم ڪندو آهي ۽ ماضيءَ ۾ به پاڪستان اندر دهشتگردي جي ڪارروائين لاءِ افغان سر زمين استعمال ڪندو رهيو آهي. پاڪستان عارضي افغان حڪومت سان مسلسل پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ۽ مطالبو ڪيو آهي، ته هو دهشتگردن طرفان افغان سر زمين جي مسلسل استعمال کي روڪي ۽ اهڙن عنصرن خلاف اثرائتي ڪارروائي ڪري. پاڪستان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جي ان لعنت خلاف مادر وطن ۽ ان جي عوام جو دفاع ڪندي رهندي ۽ افغانستان مان ايندڙ انهن خطرن خلاف مناسب سمجهندڙ سمورا ضروري قدم کڻندي.