اسلام آباد-08 جولاءِ (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) حيدرآباد ضلعي ۾ واقع ڪنر ويل -11 جي ڪامياب بحالي جو اعلان ??ري ڇڏيو آهي. جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??وهه مان 960 بيرل ڏهاڙي تيل حاصل ڪيو پيو وڃي. او جي ڊي سي ايل مان جاري بيان موجب ڪنر ويل -11 او جي ڊي سي ايل جي ڪنر آئل فيلڊ جو حصو ۽ ڪنر مائننگ ليز ايريا اندر واقع آهي جتي او جي ڊي سي ايل جي شراڪت 100 سيڪڙو آهي، اهي قدم ڪمپني جي پيداوار وڌائڻ جي عزم ۽ پڪي کوهه جي بحالي ۾ جديد فن جي موثر هجڻ کي اجاگر ڪري ٿو. ٻئي طرف کوهه 11 مان تيل جي پيداوار ملڪي امپورٽ بل ۾ ساليانو 30.19 ملين ڊالرن جي خاطر خواهه بچت جي اميد آهي. ان ب??ت سان قوم جي وڌندڙ توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ توانائي جي وسيلن جي قابل اع??ماد فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو.