سکر – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سومر ڏينهن سکر جو دورو ڪندو. صدر دوري دوران سنڌ ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان ج?? صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ امن امان ج?? صورتحال تي گذريل مهيني ٿيندڙ اجلاس جي فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن رضا نقوي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سينيئر وفا??ي ۽ صوبائي عملدار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ شرڪت ڪندا.