بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني صدر شي ??ن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخي گريٽ هال آف دي پيپل ۾ چيني صدر شي ??ن پنگ سان ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چين ۾ سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي صدر شي ??ن پنگ جا ٿورا مڃيا. هن 2015ع ۾ صدر شي ??ن پنگ جي پا??ستان جي تاريخي دوري کي ياد ڪ??و جنهن دوران چين پا??ستان اقتصادي لنگهه کي باضابطا طور تي فعال ڪيو ويو هو ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي وئي هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري جي توثيق ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول افغانستان، فلسطين ۽ ڏکڻ ايشيا بشمول ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي دلچسپي جي معاملن تي پنهنجي پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر شي ??ن پنگ جي ويزنري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ??يٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ??يٽو (جي ڊي آءِ) کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بي آر آءِ جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين پا??ستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) پا??ستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ تحت جاري وڏن منصوبن جي وقت سر تڪميل تي اتفاق راءِ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ سي پيڪ تحت ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم سي پيڪ تحت ٻنهي ملڪن جي ترقياتي حڪمت عملين جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ پا??ستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پا??ستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي جي ل??ءِ پا??ستان جي عزم ۽ مڪمل حمايت تي زور ڏنو. وزيراعظم صدر شي ??ن پنگ کي اقتصادي سڌارن ۽ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زرعي جديدڪاري ۽ علائقائي رابطن جي ل??ءِ پا??ستان جي پاليسين ۽ پا??ستان جي ترقي ۾ سي پيڪ جي اهم ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت جي عوام تي مرڪوز سماجي ۽ اقصادي ترقي جي ايجنڊا چين جي ”گڏيل خوشحالي“ جي تصور تي ٻڌل آهي. صدر شي ??ن پنگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو، جتي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ ٻيو دور ٿيو. 2024ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جي صدر سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اها ??هرين ملاقات هئي. اها ??لاقات ٻطرفي دوستي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ل??ڳاپن جي عڪاس هئي.