تهران – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اي??ان جي مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، اي??ان جي مرحوم پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿي جيڪي 19 مئي 2024ع تي هيليڪاپٽر جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهيد ٿي ويا، انهن جي لاءِ منعقد يادگاري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، وزيراعظم مرحوم اي??اني صدر جي اي??اني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – اي??ان لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب تقريب دوران وزيراعظم ان هال ۾ به ويو جتي مرحوم اي??اني صدر جو جسد خاڪي رکيو ويو هو. وزيراعظم مرحوم صدر جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم مرحوم اي??اني صدر جي اي??اني عوام جي ترقي ۽ خوشحالي، پاڪ – اي??ان لاڳاپن جي فروغ ۽ خطي جي لاءِ خدمتن تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف اي??ان جي وقتي صدر ڊاڪٽر محمد مخبر س??ن پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي اسلامي جمهوريه اي??ان جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي ۽ اي??اني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ٻين ساٿين جي افسوسناڪ حادثي ۾ شهادت جي خبرسان شديد صدمو پهتو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندانن ۽ اسلامي جمهوريه اي??ان جي عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اسا?? جون سموريون همدرديون شهيدن جي گهرڀاتين ۽ اي??اني عوام سان آهن. پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ اي??ان سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته مرحوم اي??اني صدر پاڪستا?? جو عظيم دوست هو. سندس گذريل مهيني پاڪستان جي دوري دور??ن پاڪستاني عوام سان گذاريل لمحا سدائين ياد رکيا ويندا. وزيراعظم اي??ان جي نگران صدر ڊاڪٽر محمد مخبر جي لاءِ نيڪ خواهش?? جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرووزير سيد محسن نقوي، واپار و??رو و??رو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اطلاعات ۽ نشريات و??رو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزيراعظم جو خاص م??او?? طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.