اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي، پاڪستان چين س??ن ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي، سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري ره??ا آهيون، چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ (وڊيو لنڪ ذريعي)، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه، و??ير??عظم جي خاص معاون طارق فاطمي، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن پاران پاڪستان چين ٻطرفي معاشي لاڳاپن جي حوالي س??ن تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي و??ير??عظم چي?? ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم حصيدار آهي. هن چي?? ته چيني انڊسٽري خاص طور تي چيني ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي پاڪستان ۾ صنعتون لڳائڻ جي دعوت ڏيون ٿا، حڪومت چيني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان ۾ ره??دڙ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جامع پلان جوڙيو ويو آهي. و??ير??عظم چي?? ته چيني تعاون سان گوادر بندرگاهه کي لاجسٽڪس جو حب ٺاهيو ويندو. ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز جو قيام سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان اهم منصوبو هوندو. و??ير??عظم چي?? ته پاڪستان چين س??ن ترجيحي بنيادن تي زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ چين ۾ پاڪستاني مصنوعات جي برآمدات ۾ اضافي جو خواهشمند آهي. و??ير??عظم هدايت ڪئي ته لاڳاپيل وزارتون پاڪستان چين جي تعاون جي نئين منصوبن جي حوالي س??ن تياري ڪن ۽ بزنس ٽو بزنس رابطا وڌائڻ جي لاءِ قدم کڻن. و??ير??عظم چي?? ته پاڪستان جو روانگي واپار وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙڻ ۾ چين پاڪستان جو مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو.