مظفر آباد – 00 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? جي جد??جه?? ۾ ڪشميرين سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ملاقات ۾ ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم کي پاڪستان پاران ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ اڻٿڪ حمايت ??ي خاطري ڪرائي. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪر?? جي جد??جه?? ۾ اسان انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي آزاد ڪشمير جو دورو ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيا. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته اڄ توهان جو برساتن کان متاثر ماڻهن سان ملاقات جي لاءِ هتي اچڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪس??ان??ن جي دل پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي.