اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ??يپ??زپارٽي جي ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو چي?? آهي ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ پارٽي جون سخت هدايتون آهن، بدين ۾ عورتن ۽ ٻارن لاءِ پارڪ سميت نجي تعليمي ادارن ۾ غريبن جي ٻارن لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪرائڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ پنهنجي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ ڳالهائيندي حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته هاڻي چونڊن ۾ ڪ??مي??ب اهو ٿيندو جيڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ عوام جا ڪم ڪندو. هن چيو ته بدين ضلعي جي مختلف شهرن ۾ ٻارن ۽ عورتن جي لاءِ پارڪن جي سخت ضرورت آهي، جيڪي پارڪ آهن انهن کي وڌيڪ سهولت ڏئي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته بدين ۾ ترقياتي ڪم پهرين ترجيح آهن، عوام کي سهولتون ڏيڻ جي لاءِ صدر آصف علي زرداري، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ادي فريال ٽالپر پاران سخت هدايتون ڏنل آهن. هن چيو ته بدين ضلعي جي غريب ماڻهن جي ٻارن کي نجي تعليمي ادارن ۾ ڪو??ا ڏيارڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. هن چيو ته بدين پاڪستان جو سڀ کان آخر وارو علائق?? آهي، جتي غربت سڀ کان وڌيڪ آهي پر اسان عوام کي سهولتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ هارين جي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن پر ان سهولت کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ماڻهن کي آگاهي ڏني ويندي ته جيئن اهي ان مان لاڀ پرائي سگهن. هن چيو ته هاڻي چونڊن ۾ اهو ئي ڪ??مي??ب ٿيندو جيڪو عوام سان رابطي ۾ هوندو ۽ انهن جا ڪم ڪندو. حاجي رسول بخش چانڊيو چيو ته آئون بدين جي عوام جو ٿورائت?? آهيان جنهن مون کي ڪ??مي??ب ڪي?? آهي. جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان ??يپ??زپارٽي ٿرپارڪر جي ضلعي صدر سينيٽر انجنيئر گيانچند چيو ته حاجي رسول بخش چانڊيو کي بدين جي عوام چونڊي پنهنجو هڪ بهتر نمائن??و پارليامينٽ ۾ موڪلي?? آهي، حاجي رسول بخش چانڊيو جي ڪ??مي??بي عوام جي ڪ??مي??بي آهي. هن چيو ته پاڪستان ??يپ??زپارٽي غريبن جي پارٽي آهي ۽ حاجي رسول بخش چانڊيو جي گهر جا دروازا عوام جي لاءِ سدائين جي لاءِ کليل هوندا آهن ۽ هنن وٽ ڪڏهن به ??مي?? ۽ غريب جو ڪو به فرق ناهي رهيو، جنهن جي ڪري ئي عوام ايڏا وڏا ووٽ ڏئي کين ڪ??مي??ب ڪي?? آهي. جڏهن ته ان موقعي تي مير خان چانڊيو، رياض منگي، جانثار مهر، انجنيئر ابراهيم چانڊيو ۽ ٻيون شخصيتون موجود هيون.