اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گم ٿيل بلوچ ماڻهن جي ڪيس ۾ عدالتي حڪم جي تعميل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو. جسٽس محسن اختر ڪياني گم ٿيل شاگردن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان ??وقعي تي نگران گهرو وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز خان ۽ اٽارني جنرل آف پاڪستان ??نصور عثمان اعواڻ پڻ موجود هئا. ٻڌڻي دوران ??گران ??زيراعظم چيو ته حڪومت آئين ۽ قانون موجب ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان سان تعلق هجڻ جي ڪري مون کي صوبي ۾ ان صورتحال بابت وڌيڪ ڄاڻ آهي. اتي ماڻهن کي هٿياربند مزاحمت درپيش آهي. نگران ??زيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ غ??ررياستي عنصرن جون سرگرميون پڻ سامهون آيون آهن. هن چيو ته بلوچستان جي هڪ اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو هڪ انڪوائري جي سربراهي ڪري رهيو هو، کي عسڪريت پسندن شهيد ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته بلوچستان کي ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي درپيش آهي. هن زور ڏنو ته ان ??سئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ان ??سئلي جو حل ڳولڻ گهرجي. نگران ??زيراعظم چيو ته آئين سمورن شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي ٿو ۽ انهن کي رياست سان غيرمشروط وفاداري جو مظاهرو ڪرڻ جو پابند پڻ ڪري ٿو. جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته عدالت ٻن سالن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جون ڪيتريون ئي ٻڌڻيون ڪيون ۽ نشاندهي ڪئي ته گرفتارين کي رڪارڊ تي آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن ڏانهن وڃي ٿو. اٽارني جنرل پاران ??يش ڪيل رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو ته وڌيڪ 11 شاگرد بازياب ٿي چڪا آهن. انهن جي خ??اف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 9 ماڻهو ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽ?? ڊي) جي تحويل ۾ هئا ۽ ٻه ماڻهو افغانستان ??ليا ويا هئا. عدالت عملدارن کي هدايت ڪئي ته سي ٽ?? ڊي جي تحويل ۾ موجود ماڻهن جي خ??اف ڪيسن جا تفصيل درخواستگذار کي فراهم ڪيا وڃن.