اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بلوچستان ۾ پشين جي علائقن خانوزئي ۽ قلعه سيف الله ۾ ڌماڪن جي سخت مذمت ڪندي ڌماڪن جي نتيجي ۾ قي??تي جانين جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ڌماڪن ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيف سيڪريٽري بلوچستان کان انهن واقعن جي رپورٽ طلب ڪ??ي ورتي. نگران وزيراعظم چيو ته امن امان جي صورتحال کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻايو وين??و، حڪومت عام چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي.