اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀائر ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ اقتصادي تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان تاجڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، تاجڪستان پا??ستان جو سڀ کان ويجهو ۽ وچ ايشيائي پا??يسري ملڪ آهي، پا??ستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي تعاون جا وسيع امڪان آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي پا??ستان ۾ تاجڪستان جي سفير سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن الوداعي ملاقات ڪئي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسلامو فوبيا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي اسلامي د??يا ۾ تعاون لازمي آهي، جديد دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون وڌندو. صدر واپار، توانائي ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پا??ستان ??زه جي عوام جي ڏک ۾ دل جي گهراين سان شريڪ آهي، ??زه ۾ اسرائيلي فورسز انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيون آهن، ??زه مان دردناڪ منظر سامهون اچڻ جي باوجود عالمي برادري اسرائيلي ظلمن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان تڪميل تي مبارڪباد ڏني. صدر پا??ستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.