اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاهور جي دوري دوران نگران وزيراعظ?? بزنس فيسيلي ٽيشن سينٽر جو دورو ۽ ڪ??روباري برادري جي وفد سان ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين س??ن ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پنجاب ا??مرجنسي سروس (ريسڪيو 1122) کي عالمي سرچ اينڊ ريسڪيو ايڊوائيزري گروپ جي ميمبرشپ ملڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪندو.