اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري اداڪار نثار قاد??ي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ا??ها?? ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ همدرديءَ جو ا??ها?? ڪندي چيو ته نثار قاد??ي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم پاڪستان ٽيليويزن جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ پنهنجي بهترين ا??اڪا??ي جا جوه?? ڏيکاريا. پاڪستان ٽيليويزن سميت فلمز، ٿيٽر ۽ ريڊيو ڊرامن ۾ نثار قاد??ي جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته نثار قاد??ي جي لاڏاڻي سان شوبز انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به نه ٿو ڀرجي سگهجي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ??ي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.