اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ??رورت تي زور ??ين??ي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن ط??ف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي، انهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي ??ساب سان نوڪريون ڏيڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ سينٽر فار پيس اينڊ ڊيولپمينٽ انيشي ايٽوز جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مختار احمد علي، سماجي ڪارڪن ۽ خصوصي ماڻهو شامل هئا. وفد صدر کي معذور ماڻهن جي مخصوص ضرورتن ۽ مسئلن بابت ٻڌايو. صدر معذور ماڻهن جي چرپر ۽ پهچ وڌائڻ جي لاءِ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي ??هولت لاءِ بازارن ۽ عوامي جاين تي استعمال جوڳا ريمپس تعمير ڪرڻا پوندا. هن خصوصي ماڻهن جي معاون ٽيڪنالاجي ??ائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ قدمن تي زور ??ين??ي چيو ته انهن جي ??لم ۽ معلومات تائين پهچ وڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ??ي مدد ورتي وڃي. صدر چيو ته معذور ماڻهن ط??ف معاشرتي روين ۾ تبديلي آڻڻ جي ??رورت آهي، خصوصي ماڻهن کي جامع تعليم ۽ هنر جي فراهمي کانپوءِ صلاحيتن ۽ معذوري جي ??ساب سان نوڪريون ڏنيون وڃن، ان سلسلي ۾ سرڪاري ۽ نجي ??عبي ۾ خصوصي ماڻهن جي نوڪرين جي ڪوٽا تي عملدرآمد جي ??رورت آهي، ان سان گڏوگڏ خصوصي ماڻهن جي معاشي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنر ۽ قرضن جي فراهمي آسان بڻائڻي پوندي.