اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اسلا??ي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته اهي متحد ٿي اسرائيلي ق??بض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشي??ڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. اماراتي سفير ابوظهبي ۾ ايندڙ ڪوپ – 28 اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نگران وزيراعظم کي باضابطا دعوتنامو ڏنو. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي جي ڳالهين ۾ اهم ملڪن مان هڪ آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي اميد آهي ته پاڪستان ڪوپ – 28 جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. نگران وزيراعظم گڏيل عرب امارات کي ان اهم عال??ي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ ان ۾ پاڪستان جي فعال شرڪت جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي ٻطرفي تعاون تي ا??ڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ وسيع تر رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. غزه جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه دوران نگران وزيراعظم اسلا??ي ملڪن تي زور ڏنو ته اهي متحد ٿي اسرائيلي ق??بض فوج جي هٿان غزه ۾ بيگناهه شهرين تي تشدد ۽ وحشي??ڻي قتل کي روڪرائڻ جي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏين.