اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ??ڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 6 نومبر تي پاڪستاني عوام ۽ سڄي دن??ا جي ڪشميرين ڄمون ۾ نومبر 1947ع ۾ ٿيندڙ قتل عام جي متاثرين کي ياد ڪيو. 76 سال اڳ هري سنگهه جي ڊوگره فوج جنهن کي هندو انتهاپسند راشٽريا سويم سيونگ سنگهه (آر ايس ايس) جي حمايت حاصل ڪئي. منصوبابندي ۽ منظم طريقي سان اٽڪل 2 لک 37 هزار مسلمانن کي قتل ڪيو ويو. ترجمان ان ??تل عام جي متاثرين کي ياد ڪندي انهن کي ??اندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته انهن گ??يل فوتگين جي مارجڻ جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته عالمي برادري کي ??هڙي قسم جي ڏوهن جي ٻيهر اجازت نه ڏيڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت کي پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جو احترام ڪرڻ گهرجي، جن کي ??ودمختياري جو مڃيل حق حاصل آهي.