اسلام آباد – 23 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??فيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ??ه غزه ۾ جنگبندي سان انساني امداد جي پهچ ممڪن بڻائي سگهبي، پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ل??ءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو، نگران وزيراعظم پهرين کان 2 ڊسمبر تي گڏيل عرب امارات ۾ موسمياتي عالمي ڪانفرنس (ڪوپ – 28) جي سربراهي ??جلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ موسمياتي تبديلي تي پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ پرڏيهي ??فيس جي ترجمان چيو ته هن هفتي پاڪستان ڊينمارڪ، سوئيڊن ۽ فن لينڊ سان جدا جدا ٻطرفي سياسي مشاورت ڪري رهيو آهي. ايڊيشنل پرڏيهي ??يڪريٽري (يورپ) ايمبيسڊر شفقت علي خان انهن ڳالهين ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ان مشاورتي عمل سان خطي ۾ پاڪستان کي دوست ملڪن سان گڏيل دلچسپي جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ ۽ ماحوليات، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي، تعليم ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون جي امڪانن کي ڳولڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته اه?? علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ گهڻ رخي ايجنڊا بشمول موسمياتي تبديلي جي اه?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو ملندو. ترجمان چيو ته ڊينمارڪ سان ٻطرفي سياسي مشاورت 21 نومبر 2023ع تي ٿي جنهن ۾ ڊينمارڪ پاران پرڏيهي پاليسي بابت انڊر سيڪريٽري اينڊرس تانگ فريبرگ قيادت ڪئي. ٻنهي ڌرين سياسي ل??ڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، موسمياتي تبديلي، ماحول دوست توانائي ۽ عوامي رابطا رکندڙ ٻطرفن لاڳاپن جي سموري دائره ڪار جو وڏي پئماني تي جائزو ورتو. ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻنهي ڌرين ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سوئيڊن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت اسٽاڪ هوم ۾ ٿي رهي ??هي ??ڏهن ته فن لينڊ سان سڀاڻي هيلسنڪي ۾ ٿيندي. سوئيڊش وفد جي قيادت ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي شعبي جو سربراهه آسڪر شلٽر ۽ عالمي معاملن جي ڊائريڪٽر جنرل ڊيگ جوهلن – ڊيفيلٽ ڪندو. فن لينڊ سان هيلسنڪي ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي قيادت فن لينڊ جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جو آمريڪا ۽ ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل جيري سنڪاري ڪندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته پوري دنيا وانگر پاڪستان به ان جنگبندي جو شدت سان انتظار ڪري رهيو آهي ??يڪا سڀاڻي کان لاڳو ٿيڻ جي اميد آهي. ان سان غزه جي محصور ماڻهن کي خوراڪ، پاڻي، ٻارڻ ۽ ٻي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو انساني لنگهه قائم ڪرڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان امن عمل کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي ل??ءِ عالمي امن ڪانفرنس گهرائڻ جي حمايت ڪري ٿو. اسان سمجهون ٿا ته خطي ۾ امن رڳو گڏيل قومن جي ل??ڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته هن هفتي جي شروع ۾ ٻارن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، اه?? هٿياربند ٽڪراءُ ۾ ٻارن کي ل??حق خطري جي ياد ڏياري ٿو، جيئن ته يونيسيف جي ايگزيڪيوٽو چيو آهي ??ه غزه اڄ ٻارن جي ل??ءِ دنيا جي سڀ کان خطرناڪ جڳهه آهي. 7 آڪٽوبر کان هيستائين غزه ۾ اٽڪل 6000 ٻار شهيد ڪيا ويا آهن جيڪو غزه ۾ ٿيندڙ موت جو 40 سيڪڙو آهي. اسان غزه جي انهن ٻارن جي تحفظ جو مطالبو ڪريون ٿا جيڪي انڌاڌنڌ بمباري جا سڀ کان وڌيڪ متاثر آهن. هن چيو ته اسان کي ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻارن جي خراب حالت کي پڻ نه وسارڻ گهرجي جيڪي تشدد ۽ ڏاڍ جي ماحول ۾ رهي ??هيا آهن. هٿياربند اه??ڪارن جي وڏي تعداد ۾ مقرري ۽ طاقت جي بي ل??ام استعمال والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ٻارن جي ل??ءِ صدمي ۽ پريشاني جو ماحول ٺاهي ??کيو آهي. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلمن سان اٽڪل 100000 ٻار يتيم ٿي چڪا آهن، ٻارن کي بنا جواز گرفتار، زخمي ۽ شهيد ڪيو ويو آهي. ڀارت کي فوري طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجو ظلم ۽ ڏاڍ ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ٻارن جي حقن جي ڪنوينشن ت??ت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي موسمياتي تبديلي ڪانفرنس 2023ع جي هڪ حصي طور 1، 2 ڊسمبر 2023ع تي ٿيندڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ ۾ شرڪت جي ل??ءِ گڏيل عرب امارات جو سرڪاري دورو ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ موسمياتي تبديلي وارو وزير ۽ ماحولياتي رابطا وفد جو حصو هوندا. دبئي ۾ نگران وزيراعظم جي مصروفيتن ۾ سربراهي ??جلاس ۾ اعليٰ سطحي تقريبن ۾ شرڪت ۽ شريڪ ملڪن جي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون شامل آهن. هن چيو ته نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي حوالي سان پاڪستان جو ويزن پيش ڪندو ۽ سمورن شعبن بشمول تخفيف، موافقت، موسمياتي ماليات ۽ لاس اينڊ ڊيميج سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل موسمياتي خاطرين تي عملدرآمد تي زور ڏيندو. هو موسمياتي تبديلي جي بحث ۾ برابري ۽ گڏيل پر مختلف ذميوارين جي ل??ءِ طئي ڪيل اصولن جي مرڪزيت کي اجاگر ڪندو. هو ماحولياتي ل??اظ کان ريزيليئنس پيدا ڪرڻ جي ل??ءِ ويجهي ??المي تعاون جي ضرورت تي پڻ زور ڏيندو. ترجمان چيو ته ڪوپ – 28 ۾ ٻين اسرندڙ ملڪن سان گڏجي ڪم ڪندو ۽ سمورن ماحولياتي خط??ن ۾ ورتل اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ ڊيميج اينڊ لاس فنڊ کي فعال ڪرڻ سان گڏوگڏ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ (جي ايس ٽي) جي بامعنيٰ نتيجن جي ڳولا ڪئي ويندي ۽ پاڪستان ت??قي يافته ملڪن کان پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ پڻ ڪندو ته اه?? اسرندڙ ملڪن جي ل??ءِ موسمياتي ماليات جي طور تي ساليانو 100 بلين ڊالر جي رقم کي موبلائيز ڪرڻ جي پراڻي هدف کي فوري ۽ مڪمل طور تي پورو ڪن. هن چيو ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 28 نومبر 2023ع تي ٿيندڙ پناهگيرن جي اسمگلنگ جي خاتمي جي ل??ءِ عالمي اتحاد بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي ل??ءِ بيلجيئم جو دورو ڪندو. هو اه?? دورو مائيگريشن آف هوم افيئرز بابت يورپي ڪمشنر زيلوا جوهانسن جي دعوت تي ڪندو. ڪانفرنس ۾ نگران پرڏيهي وزير غيرقانوني هجرت ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ل??ءِ پاڪستان پاران کنيل قدمن تي روشني وجهندو ۽ يورپي يونين سان ت??زو ئي شروع ڪيل مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي فريم ورڪ جي اندر هجرت جي قانوني رستي کي هڪ قابل عمل متبادل جي طور تي پيش ڪندو.