اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته غزه ۽ فل??طين جي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، اتي ٿيندڙ تباهي جو ان کان اڳ ڪو مثال نٿو ملي، اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، غزه ۾ خاندانن جا خاندان ختم ٿي چڪا آهن، پاڪستان جي حڪومت فل??طين مسئلي جي حل ۽ فل??طيني عوام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر مشتاق احمد جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته غزه ۽ فل??طين جي صورتحال انتهائي ڳنڀير آهي، گذريل ڏيڍ مهيني دوران اتي جيڪا تباهي ٿي آهي ان جو ڪو مثال نٿو ملي، 18 هزار کان وڌيڪ شهادتون ۽ 40 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، غزه اٽڪل تباهه ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسرائيل جنگي ڏوهه ڪري رهيو آهي، پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جن اسرائيلي ظلمن کي نسل ڪشيءَ قرار ڏنو آهي، دنيا کي ان مسئلي جي حل تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خاندانن جا خاندان غزه ۾ ختم ٿي چڪا آهن لکين ٻار بي يارو مددگار آهن، حماس وٽ اسرائيل جا 250 قيدي جڏهن ته 7 هزار کان وڌيڪ فل??طيني قيدي اسرائيل وٽ آهن، جنگبندي جي معاهدي تحت اسرائيل 150 فل??طينين ۽ حماس 50 اسرائيلي يرغمالين کي آزاد ڪندي. هن چيو ته اسرائيل ۽ عالمي برادري تي جيڪو دٻاءُ وڌو ويو آهي ان جو نتيجو به سامهون آيو آهي ۽ قطر جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو او آ??ِ سي جي ڪوششن جو ئي ردعمل آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته غزه جي صورتحال تي اولهه ملڪن ۽ اسرائيل جي بيانيي کي دنيا تسليم نه ڪري رهي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ وڏي پئماني تي مظاهرا ان جو ثبوت آهن، هاڻي فل??طين جو مسئلو مرڪزي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي، اسرائيل کي جنگي ڏوهه جو مرتڪب قرار ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو جن فل??طين مسئلي جي حل لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي ڪوششن سان ئي او آ??ِ سي ج?? غيرمعمولي اجلاس منعقد ڪيو ويو. گڏيل قومن ۾ اردن جي قرارداد منظور ڪرائڻ ۾ پڻ پاڪستان جو اهم ڪردار هو ۽ پاڪستان جي ڪردار کي ان قرارداد تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لا??ِ ساراهيو ويو. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اردن ۽ مصر جي حڪومتن سان اسان جا رابطا آهن، اسان فل??طيني زخمين کي اتان ڪڍڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، پاڪستان فل??طيني زخمين جي علاج جي لاءِ اسپتال قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو پر صورتحال اتي تمام خراب آهي، پاڪستان جي حڪومت فل??طين مسئلي جي حل ۽ فل??طينين جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.