اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انڊونيشيا سان واپار، سيڙپڪاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ سياحتي لاڳاپا وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان انڊونيشيا سان پنهنجي ويجهي، دوستاڻي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ٻئي ملڪ مذهبي ۽ ث??افتي وابستگين ۽ مختلف معاملن تي هڪ جهڙائي رکندڙ آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب هو انڊونيشيا جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ايڊم ملاور ??ن ٽوگيو سان ملاقات ۾ ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون وڌائڻ پا??ستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جو اهم عنصر آهي، پا??ستان واپار، ثقافت، سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌ??ڪ گهرو ڪرڻ جو خواهشمند آهي، انڊونيشيا جا واپاري پا??ستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، سيڙپڪار دوست پاليسين مان فائدو کڻن، پا??ستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل سياسي ۽ ث??افتي مٽاسٽا ۾ اضافو لازمي آهي. انڊونيشين سفير ايڊم ملاور ??ن ٽوگيو چيو ته پا??ستان ۽ انڊونيشيا کي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي متنوع بڻائڻ گهرجي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامون کولڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون جيڪو ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو، پا??ستاني شاگرد انڊونيشيا ۾ تعليمي وظيفا حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ ترقي جي رفتار برقرار رهندي. صدر سفير جي م??تق??ل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.