لاهور-09 نومبر (اي پي پي) شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي يومِ پيدائش جي مناسبت سان مزار اقبال تي ڪالهه گارڊز جي تبديليءَ جي پُروقار تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان نيوي جي چست جٿي مزار اقبال تي گارڊز جي فرض سنڀالي ورتا. پاڪستان نيوي جي اسٽيشن ڪمانڊر لاهور ڪموڊور ساجد حسين تقريب جو خا?? مهمان هو. پاڪستان نيوي جي اسٽيشن ڪمانڊر لاهور گارڊز ۾ شامل پ??ڪستان رينجرز ۽ پ??ڪ بحريه جي جٿن جو معائنو ڪيو ۽ سلامي ورتي. گارڊز جي تقريب کانپوءِ قومي شاعر جي مزار تي اميرالبحر ايڊمرل نويد اشرف، پ??ڪ بحريه جي آفيسرن، سيلرز ۽ نيوي سويلينز گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.