مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ??مو?? ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏين??ن آهي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تنظيمُون ڀارت کي ??شميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ??اري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??زاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ??مو?? ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏين??ن آهي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي پنهنجا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري جو حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪشميري ??وا?? 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڪشميري ??وا?? اڄ به پنهنجي منصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آهي، آزاد ??مو?? ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي ??وا?? ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.