اسلام آباد – 16 – آڪ??وب?? (اي پي پي) پاڪ??تا?? اسرائيلي جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انساني امدا?? جي فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ انساني الميي جي ڏس ۾ پاڪ??تا?? حڪومت فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏکن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انساني بنيادن تي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت فلسطيني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳاپيل ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪ??تا??ي مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.