اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته مل?? جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿي??و پوندو. اهڙن خيالن جو اظها?? هن اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبلا اياز سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي قبلا اياز نگران وزيراعظم کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي ڀرپور ن??ائندگي ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين نگران وزيراعظم کي مل?? ۾ مذهبي هم آهنگي جي موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن نگران وزيراعظم کي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي مجلس عامله جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. نگران وزيراعظم چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل مل?? ۾ مذهبي هم آهنگي ۽ امن امان برقرار رکڻ جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، مل?? جي ڪنڊڪڙڇ م مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي وڌيڪ متحرڪ ٿي??و پوندو.