اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي ??گر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي هنگو ۽ مستونگ ڌماڪن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگ??دن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊ ڪري درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪيو، دهشتگ??دن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات وا??ي ??گر??ن وفاقي وزير چيو ته اها حقيقت آهي ته دهشتگ??دن جشن ولادت رسول ﷺ ۽ جمعي نماز کي پنهنجي ڪڌي ڪاررواين جي لاءِ چونڊيو ۽ درجنين بيگناهه مسلمانن کي شهيد ڪري ڇڏيو جنهن مان اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي ثابت ٿئي ٿي ته دهشتگ??دن جو ڪنهن به مذهب، نظريي ۽ اخلاقيات سان ڪو تعلق نه آهي. پاڪستاني رياست انهن خونخوار درندن کي پوري قوت ۽ پاڪستان جي عوام جي طاقت سان ڪچي ڇڏيندي.