اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??ي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي ل??ءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيان. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ??ي پيڪ جي ڏهاڪي جي پڄاڻي جي موقعي تي پاڪستان سان حمايت ۽ يڪ??هتي جي پنهنجي اهم پيغام تي چين جي صدر شي جن پنگ جو ٿورائتو آهيان. سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن جو هڪ مثالي منصوبو بڻائڻ تي ان جو زور پاڪستان جي عوام جي ڀلائي ل??ءِ ان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ??قيقت ۾ سي پيڪ گذريل 10 سالن دوران اعليٰ معيار جي انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا آهن. بي آر آئي جي فليگ شپ پروجيڪٽ طور سي پيڪ ميان نواز شريف جي قيادت ۾ تبديلي جي ڪهاڻي ۾ تبديل ٿيو. پاڪستان ان ڪهاڻي کي دنيا ۾ پنهنجي دوستن ۽ حصيدارن سان شيئر ڪرڻ جي ل??ءِ تيار آهي. هن چيو ته چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ل??ءِ اسان ڪڏهن به صدر شي جن پنگ جو مڪمل ٿورو ادا نه ڪري سگهنداسين. آئون سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي شاندار ڪاميابي سان همڪنار ڪرڻ جي ل??ءِ وڌيڪ توانائي ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ جي ل??ءِ پرعزم آهيان.