اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي حل طلب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن چيو ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو انهن 22 ڪشمير??ن جي شهادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جان??ن جا نذرانا پيش ڪيا. ترجمان چيو ته اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشمير??ن جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ ??لي??اڻو ??دوجهد جي شروعات ڪئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائ??ن جاري آهي. هن چيو ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دوران ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي شهيد ڪيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن ان عزم جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏاڍ جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو.