اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا سان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿ??. ا??وان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران ج?? نامزد سفيرن ۽ روانڊا ج?? نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر سان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن سان جدا جدا ??لاقاتون ڪيون. صدر فلپائن ج?? نامزد سفير ماريا سروينٽس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان فلپائن سان تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا وڌيڪ ??ضب??ط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر سان پاڪستان جي لاءِ نامزد ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم اداراجاتي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون سان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران سان موجوده اداراجاتي نظام ??ضب??ط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر سان پاڪستان ۾ روانڊا ج?? نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روانڊا سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا ??ضب??ط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي د??آمد لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.