اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 9 مئي جي ??ان??ي جو فائدو ملڪ دشمنن کي ٿيو ۽ ان سازش جي ناڪامي جو فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيو، اڄ 9 مئي ??ان??ي جو ماسٽر مائنڊ پڇي رهيو آهي ته 9 مئي جي واقعن جو فائدو ڪنهن کي ٿيو؟ هي شخص قوم جو ڏوهاري آهي، معاشي تباهي جو ڏوهاري آهي، شهيدن ۽ انهن جي وارثن جو ڏوهاري آهي، ان کي ڪهڙي خبر زيادتي ڇا هوندي آهي؟ زيادتي اها هوندي آهي جيڪا هن سياسي انتقام ۽ ڪوڙا ڪيس ٺاهي مخالف ڌر ۽ ميڊيا سان ڪئي، ان کي ڪهڙي خبر ڀينرن، ڌيئرن ۽ انهن جي عزت ڇا هوندي آهي؟ اسان ڪنڌ مٿي کڻي هر عدالت ۾ پيش ٿياسين ۽ هي شخص بالٽي، دٻو ۽ ڊسٽ بن جي پٺيان ۽ کٽ جي هيٺ لڪي ٿو، سازشي ٽولي جي پا??ٽي جو اڄ ڪو ترجمان نه آهي، رڳو ٽوئيٽر هينڊل ترجمان آهي، ٻاهرئين ملڪ هن ??ار?? ايجنٽ جا پراڪسيز آهن جيڪي ملڪ جي خلاف مهم جوئي ڪن ٿا. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??ار?? ايجنٽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سوال ڪيو آهي ته 9 مئي جي واقعي جو ڪنهن کي فائدو ۽ ڪنهن کي نقصان پهتو آهي، ??ار?? ايجنٽ وزيراعظم جي ٽوئيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي ڪجهه سوال اٿاريا آهن. هن چيو ته ??ار?? ايجنٽ جا پراڪسيز ٻاهرئين ملڪ ويٺل آهن جيڪي آمريڪا يا ٻين ملڪن جي لابسٽ کي انگيج ڪري رکن ٿا ۽ هڪ ٽولو ٻرن ۾ لڪي ٽوئيٽ ڪري ٿو پر بريڪنگ نيوز اها آهي ته ??ار?? ايجنٽ موجب تحريڪ انصاف پاڪستان جي سڀ کان وڏي پا??ٽي آهي ۽ ان پا??ٽي جو ڪو ترجمان نه آهي، رڳو ٽوئيٽر هينڊل ئي ان جو ترجمان آهي. هن چيو ته ڪو به شخص پنهنجو چهرو ان فتني ۽ فسادي جي لاءِ سامهون آڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته فراڊ، سازشي، فتني، فسادي ٽولو ملڪ ۽ عوام کي ڦري هليو ويو، عوام جو روزگار ۽ معيشت تباهه ڪئي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ان فتني جي چوڻ تي ٻين کي چور چوندا هئا اڄ اهي مڪروهه چهرا نواز شريف جي سٺائي جون گواهيون ڏئي رهيا آهن. وفاقي وزير چيو ته ??ار?? ايجنٽ چوي ٿو ته توشه خانه مان هن چوري نه ڪئي، 190 ملين پا??ونڊ واري لفافي جي ان کي ڪا خبر نه آهي، منهنجي ڪابينا کان پڇو. هي شخص ڪوڙو، دوکيباز ۽ ذهني مريض آهي، ان جو مرض لاعلاج آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪالهه پنهنجي اسٽيٽمينٽ ۾ انهن سمورين شين جي نشاندهي ڪئي هئي ته سمورا ثبوت اچي چڪا آهن، ملڪ کان ٻاهر ويٺل فسادي جو ٽولو ادارن جي خلاف مهم جوئي ڪري ٿو، ان ٽولي لسٻيلا هيلي ڪاپٽر جي شهيدن جي خلاف مهم جوئي ڪئي، آرمي چيف ۽ اهم شخصيتن جي خلاف خطرناڪ سوشل ميڊيا مهم هلايون، اهي سڀ ماڻهو ان ??ار?? ايجنٽ، ڪوڙي ۽ فراڊيي جي پراڪسيز آهن جيڪي ڪڏهن چون ٿا ته مون تي راڪيٽ لانچر سان حملو ٿيڻ وارو آهي، ڪڏهن چوي ٿو ته مون تي قاتلاڻو حملو ٿي رهيو آهي، ڪير پڇي ته جيڪڏهن ت??ها?? تي قاتلاڻو حملو ٿيڻ وارو آهي ته منهن تي بالٽي يا دٻو رکڻ سان نه ٿيندو؟ هن واضح ڪيو ته ايف آءِ اي وٽ سمورا ثبوت موجود آهن جن تي ڪارروائي ٿي رهي آهي، اهي سمورا عنصر جيڪي اظهار راءِ جي آزادي جو سهارو وٺي اهڙي قسم جي خطرناڪ راند کيڏن ٿا، انهن جي خلاف ثبوت اچي چڪا آهن. هن چيو ته اهڙين حرڪتن سان جيڪڏهن ڪو نقصان ٿيو ته ان جو ذميوار ??ار?? ايجنٽ هوندو. وفاقي وزير چيو ته جنهن شخص 9 مئي ??ان??ي جي منصوبابندي ڪئي، ذهن سازي ڪئي، ان کي پلان ڪيو، ان جي هدايت تي اهو سڀ ڪجهه ٿيو ۽ هو پڇي ٿو ته 9 مئي جي واقعي جو فائدو ڪنهن کي ٿيو؟ هي پاڻ چوندو هو ته 9 مئي جا واقعا منهنجي گرفتاري جي ردعمل ۾ ٿيا، جنهن شخص نوجوانن کي تشدد تي اتساهيو اهو پڇي ٿو ته 9 مئي جي واقعن جو فائدو ڪنهن کي ٿيو؟ 9 مئي جي واقعي جو فائدو پاڪستان جي دشمن کي ٿيو آهي، ان سازش کي ناڪام بڻائڻ جو فائدو پاڪستان جي عوام کي ٿيو. هن چيو ته ان شخص نوجوانن کي تشدد تي اتساهيو، پاڪستان جي سياست ۾ هي واحد شخص آهي جنهن هر ڏوهه ڪيو آهي، هي قوم جو ڏوهاري آهي، شهيدن ۽ انهن جي وارثن جو ڏوهاري آهي، توشه خانه جو چور آهي، هن 190 ملين پا??ونڊ جو ڌاڙو هنيو، ملڪ ۾ نفرت ۽ انتشار پکيڙڻ جو ذميوار آهي، هر اهو الزام جيڪو ٻين تي لڳايو، ان جو ڏوهاري هي شخص پاڻ آهي. ان کي ڪهڙي خبر ته زيادتي ڇا هوندي آهي؟ زيادتي اها هوندي آهي ته ٽي ڀيرا جي چونڊيل وزيراعظم کي پاناما جو سهارو وٺي اقاما تي جيل ۾ وڌو ويو، اپوزيشن ليڊر کي موت جي سزا جي چڪين ۾ رکيو ويو، ان شخص پنهنجي دور ۾ سياسي مخالفن کي ڪوڙا ڪيس ٺاهي جيلن ۾ وڌو، ان کي ڪهڙي خبر ته ڪنهن جي ڀين ۽ ڌيئرون ڇا هونديون آهن؟ حمزه شهباز شريف کي ٻه سال جيل ۾ رکيو ويو، ان کي وڪيلن تائين پهچ نه ڏني، موت جي سزا جي چڪين ۾ منتقل ڪيو. راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. خواجه آصف کي جيل ۾ رکيو، فريال ٽالپر کي عيد جي ڏينهن اسپتال مان گهيلي جيل ۾ وڌو ويو، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، خواجه سعد رفيق کي جيلن ۾ وڌو. هن چيو ته اسان ڪنڌ مٿي کڻي هر عدالت ۾ پيش ٿياسين ۽ ڪيسن کي منهن ڏنو. هن چيو ته جڏهن عدالت جي وارنٽ تي عمران خان کي عزتدار طريقي سان زمان پا??ڪ ۾ وارنٽ ڏنا ته هن ڪهڙو سلوڪ ڪيو؟ زمان پا??ڪ ۾ رينجرز ۽ پوليس وارن تي پيٽرول بم هنيا ويا ۽ پٿراءُ ڪيو ويو، ان شخص عورتن ۽ بارن کي پنهنجي لاءِ ڍال طور استعمال ڪيو. هن چيو ته عمران خان چوي ٿو ته مني لانڊررز جي مني لانڊرنگ جلد سامهون ايندي، 201ع کان اهو چوڻ شروع ڪيو، چار سال هي ڪرسيءَ تي مڙهيل رهيو، هن رياست جي طاقت استعمال ڪئي پر مخالفن تي هنيل الزام ثابت نه ڪري سگهيو، ان جي حڪومت جي دور ۾ جيڪي به ڪيسز ٺهيا عدالتن ميرٽ تي بيلز ڏنيون، اڄ نيب جا وڪيل اٿن بيهن ٿا ۽ چون ٿا ته اسان وٽ ڪو ثبوت نه آهي. مريم نواز جي ڪيس ۾ عدالت چيو ته ثبوت طور ڪاغذ جو هڪ ٽڪرو به پيش نه ڪيو ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي خلاف ڪيسز ۾ جواب نه ٿو ڏيڻ چاهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٽي ڀيرا جو چونڊيل وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، شهباز شريف عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو ته هي ڇو نه ٿو ٿي سگهي. ان کي گرفتار ڪريو ته انساني حق خطري ۾ پئجي وڃن ٿا. هن چيو ته ??ار?? ميڊيا به ڄاڻي چڪي آهي ته عمران خان جي هڪ انٽرويو ۾ جدا ڳالهه هوندي آهي ۽ ٻئي ۾ جدا. هاڻي ??ار?? ميڊيا به ان جي ڳالهه تي يقين نه ٿي ڪري. وفاقي وزير چيو ته 9 مئي ??ان??ي جو ذميوار عمران خان آهي، هن جي ايڇ ڪيو تي حملو رڪايو، شهيدن جون يادگارون ٽوڙايون، مسجدون ساڙيون، اسپتال ساڙيا، جناح هائوس ساڙيو، ريڊيو پاڪستان ساڙيو ۽ ان کانپوءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ته مون تي فلاڻو فلاڻو حملو ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران خان سوچيو سمجهيل سازش تحت هڪ ٽولو ٻاهر ويهاريو آهي جيڪو ملڪ جي خلاف سازش ڪري ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ان جو تباهه ڪيل ملڪ هاڻي ترقي طرف وڌي رهيو آهي، هاڻي اهي تماشا ختم ڪري ڇڏي، عوام کي خبر پئجي وئي آهي ته ملڪ جي خلاف سازش ڪنهن ڪئي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته توشه خانه ڪيس جو ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي، 9 مئي جي ??ان??ي جي جاچ به جاري آهي، جيڪڏهن اسان کي سياسي بنيادن تي گرفتاريون ڪرڻيون هجن ها ته اسان ان وقت ڪريون ها جڏهن اسان اقتدار ۾ آيا هئاسين پر اسان قانون موجب جاچ ڪرائي، جاچ ادارن سمورا ثبوت گڏ ڪيا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ دشمن عنصر ملڪ جي ادارن جي خلاف مهم جوئي ڪري رهيا آهن، رياست کي پنهنجي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ اچي ٿي. هن چيو ته ملڪ دشمن مهم جوئي ۾ ملوث عنصر قوم جي سامهون اچي چڪا آهن، ڪجهه ماڻهو اظهار راءِ جي آزادي جو سهارو وٺي اهڙيون حرڪتون ڪن ٿا، اهڙي قسم جي گهٽيا ۽ ڪڌي شرانگيز مهم تي زيرو ٽالرنس آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم واضح طور تي چئي چڪو آهي ته اسان جي حڪومت آئيني مدو پورو ٿيڻ تي ختم ٿي ويندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستان هاءِ ڪميشن برطانيا تي جن عنصرن حملو ڪيو هو، انهن تي برطانوي پوليس فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، انهن جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. ڪو قانون ان ڳالهه جي اجازت نه ٿو ڏي ته ت??ها?? ٻاهرئين ملڪ ويهي پنهنجي ئي ملڪ جي خلاف سازش ڪريو. هڪ سوال تي هن چيو ته جنهن وقت آءِ ايم ايف جو معاهدو ويجهو ٿيڻ لڳي ته ??ار?? ايجنٽ جا پراڪسيز ڳالهائڻ شروع ڪريو ڇڏين، هاڻي الله جي فضل ۽ ڪرم سان وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير جي ويزن موجب معاهدو ٿي چڪو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا سياسي بيروزگار ۽ سياسي يتيم چريائپ جون ڳالهيون ڪن ٿا، انهن جي مرض جو علاج ڪنهن پاڳل خاني ۾ ئي ٿي سگهي ٿو پر ان جي ڪوڙ ۽ فساد پکيڙڻ جو مرض لاعلاج ئي رهندو. اطلاعات واري وفاقي وزير هڪ سوال تي چيو ته گذريل 14 کان 15 مهينن جي اندر اها معيشت جيڪا ??ار?? ايجنٽ تباهه ڪري ويو هو، آءِ ايم ايف پروگرام جي خلاف ورزي ڪري ان کي معطل ڪري ويو هو، وزيراعظم شهباز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي ان کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سخت فيصلا ڪيا، پيٽرول مهانگو ڪيو پر غريب عوام کي سبسڊيز ڏني وئي ته جيئن غريب عوام تي بار نه پوي. معاشي تباهي کي ريورس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، معيشت کي سگهه ۽ استحڪام ڏيڻ جي لاءِ تسلسل سان پلان ۽ ويزن ڏنو، آءِ ايم ايف پروگرام بحال ٿيو جنهن جي ڪري پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ فوري طور تي استحڪام آيو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي آئي. هن چيو ته وزيراعظم مشڪل وقت ۾ آبادگار پئڪيج ڏنو، آبادگارن جي ٽيوب ويلز کي سولر تي منتقل ڪيو ويو، ڀاڻ تي سبسڊي ڏني وئي ته جيئن عام ماڻهو کي فائدو پهچي سگهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ نوجوانن جي هٿن ۾ پيٽرول بم ڏئي وئي هئي پر شهباز شريف نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ ڏنا، انهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف نجي دوري تي دبئي ويو هو. هن چيو ته آئيني مدو مڪمل ٿيڻ تي حڪومت ختم ٿي ويندي. آئين جي اندر نگران سيٽ اپ جو مدو مقرر آهي. عوام کي ريليف ڏيندڙ پا??ٽي ڪڏهن به اليڪشن کان ناهي ڀڄندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ٽي ڀيرا جي چونڊيل وزيراعظم جي خلاف ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، ان جي گواهي هاڻي مخالف به ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ان ڏينهن جو انتظار آهي جڏهن ??ار?? ايجنٽ به اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه ڪندو جهڙي طرح شهزاد اڪبر ڪئي آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته پي سي بي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ورلڊ ڪپ دوران ڀارت وڃي کيڏڻ جي حوالي سان وزيراعظم شهباز شريف کي خط لکيو آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي جنهن جو هلندڙ هفتي اجلاس ٿيندو. تحريڪ انصاف تي پا??ندي جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙي اڃا تائين ڪا اطلاع نه آهي پر ميڊيا جي ذريعي اها ڳالهه چوڻ چاهينديس ته جيڪڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف تي پا??ندي لڳي ته ان جو ذميوار پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه ۽ ان جا اعمال هوندا.