اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??اڪستان آئ??ن ايپ ۾ سمورين شقن، اختلاف راءِ، جمهوريت ۽ ان جي اصل جزيات کي شامل ڪيو ويو آهي. ان ايپ جو مقصد آئين جي اهميت، آگاهي، رهنمائي ۽ تعليمات نوجوانن تائين پهچائڻ آهي. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم، آسان قرضن، انٽرن شپ پروگرام سميت ڪيترائي پروگر??م ڏنا جن جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا ??هن. هو پي ٽي وي سينٽر اسلام آباد ۾ ”پاڪستان آئ??ن ايپ“ جاري ڪرڻ تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ايپ جو باقاعده افتتاح وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيو. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، پي آءِ او مبشر حسين ۽ ٻيا عملدار تقريب ۾ شريڪ هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته اسان سڀني جي لاءِ اهو خوشي جو سبب آهي ته ??زيراعظم شهباز شريف پنهنجي سمورين مصروفيتن جي باوجود هن پروقار تقريب ۾ شريڪ آهي. هن چيو ته آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي تقريبون ملهايون پيون وڃڻ هي تقريب به انهي جو حصو آهي. هن چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ اهڙوس نگ ميل عبور ڪري رهيا آهيون ته آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ پاڪستان آئ??ن ايپ جاري ڪئي وئي. هن چيو ته ??صاب جي اندر آئين جي شموليت اهم هئي، نصاب ۾ نه رڳو آئين جي شقن کي شامل ڪيو ويو آهي پر اختلاف راءِ، جمهوريت ۽ ان جي اصل جزيات کي شامل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ??وجوان نسل جيڪي اسان جي آبادي جو 65 سيڪڙو آهن، انهن تائين آئين جي اهميت کي منتقل ڪرڻ، آگاهي، پهچ ۽ تعليمات انهن تائين پهچائڻ هن ايپ جو مقصد هو. هن چيو ت هن ايپ جي تياري ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا به ٿورا مڃون ٿا جنهن ذاتي ڌيان ڏئي تمام گهٽ عرصي ۾ نادرا جي ذريعي هي ايپ مڪمل ڪرائي آهي. هن چيو ته ??اڪستان آئ??ن ايپ جاري ڪرڻ کانپوءِ گوگل پلي اسٽور تي موجودگي هوندي. ايپ بٽڻ دٻائڻ تي پاڪستان جي عوام کي آئين پاڪستان تائين پهچ ٿي سگهندي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ??زيراعظم شهباز شريف جي ليپ ٽاپ آسان قرضن ۽ نوجوانن جي لاءِ ٻين قدمن جا ثمر سامهون اچي رهيا ??هن. پاڪستان آئ??ن ايپ جي اندر آئين جا سمورا آرٽيڪلز موجود ??هن. جيڪڏهن توهان ايپ ۾ تعليم جي شعبي کي ڪلڪ ڪندا ته تعليم سان لاڳاپيل سمورا آرٽيڪلز سامهون اچي ويندا. ان حوالي سان سموري قانونسازي به سامهون اچي ويندي. هن چيو ته ??ي ايپ انگلش ۽ اردو زبان ۾ لاڳو ڪئي وئي آهي.