??سل??م آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته هر سال 10 اپريل تي قومي دستور ڏهاڙو ملهايو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد قومي آئين ڪنوينشن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي پيش ڪيل قرارداد منظور ڪئي وئي، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ملڪ جي لاءِ آئي?? جي اهميت، شهري?? جي حقن، رياستي ا??ار?? جي فرضن کان عوام کي آگاهه ڪرڻ آهي.