اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دماغي صحت وڏو چئلينج آهي، ملڪي ذهني صحت جون ضرورتون پو??يون ڪرڻ جي لاءِ ٺوس موقف جي ضرورت آهي، ملڪ جي 24 سيڪڙو آبادي ذهني صحت جي ڪنهن نه ڪنهن م??ئلي ۾ مبتلا آهي، ذهني صحت جي حوالي سان حڪومت، صحت جي ماهرن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ ميڊيا کي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ ايوان صدر ۾ ذهني صحت جي حوالي سان اجلاس ٿ??و. ??زيراعظم اسٽريٽجڪ ر??فارمز يونٽ جو سربراهه سلمان صوفي ۽ نفسيات جا ماهر وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن دماغي صحت جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي خدمتون فراهم ڪرڻجي لاءِ هڪ گڏيل نگهداشت جي ماڊل جي ضرورت تي زور ڏنو. سلمان صوفي وزيراعظم سيڪريٽريٽ پاران دماغي صحت جي خدمتن تائين پهچ جي لاءِ همراز پليٽ فارم ۽ مينٽل هيلٿ هيلپ لائين بابت ٻڌايو. شرڪت ڪندڙن بريفنگ ۾ ٻڌايو و??و ته دماغي صحت جي مسئلن ۾ ورتل ماڻهن کي لاڳاپيل ذهني صحت جون خدمتون ۽ مشاورت فراهم ڪرڻ جي لاءِ اڃا تائين 140 نفسياتي ماهر رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن، وزيراعظم 23 مارچ 2023ع تي موبائيل ايپ/ ويب پو??ٽل ۽ 1166 ٽول فري هيلپ لائين جي شروعات ڪندو. اجلاس ۾ دماغي صحت جي مسئلن جي حوالي سان سمورن پروگرامن ۽ قدمن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو. صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چ??و ته دماغي صحت جي مسئلن جي حوالي سان سمورن پروگرامن ۽ قدمن کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر وزيراعظم پاران دماغي صحت ۽ تندرستي جي حوالي سان کنيل قدم کي ساراهيندي چ??و ته وزيراعظم آفيس جي ذهني صحت تي هم آهنگي تمام اهم آهي، وزيراعظم جي دماغي صحت جي پروگرام ۾ سمورن ٻين ڪمن کي گڏ ڪرڻ گهرجي. صدر زهني صحت جي حوالي سان اين جي اوز ۽ تسڪين هيلٿ انيشي ايٽو جي ڪوششن کي پڻ ساراه??و. ??ن چ??و ته صحت جي عالمي اداري حڪومت پاران ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو، قدم جي حمايت جو اظهار ڪيو.