اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه سان گڏ بيٺل رهندو، ان سلسلي ۾ حڪومت ج??ري ريسڪيو ۽ ريل??ف سرگرمين کي ملڪ گير مهم ۾ توسيع ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته مُون سمورن وڏن وزيرن سان ڳالهه ڪئي آ??ي ۽ انهن کي ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر ماڻهن جي ??اءِ قومي امدادي مهم جي ذميواري کڻڻ جي درخواست ڪئي آ??ي. ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي امداد لاءِ اسان واپاري برادري، مذهبي اسڪالرز ۽ تعليمي ادارن جي حمايت حاصل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هي هڪ صديءَ جو بدترين زلزلو هو، اسان جي حيثيت ٻن ملڪن ۾ رهندڙ هڪ قوم جي آ??ي ۽ اسان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ بيٺل رهنداسين.