اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي گڏيل عرب امارات ويندو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افراد?? قوت جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وز??راعظم گڏيل عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وز??راعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌ??ئڻ جي لاءِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.