اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊيره اسماعيل خان جي دوري جي موقعي تي هيلي ڪاپٽر ۾ عل??ئقي جي ترقي جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي حوالي سان پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڊي آءِ خان ۽ ميانوالي اهم عل??ئقا آهن، انهن کي ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي اولهندي روٽ ج?? ذريعي اهي عل??ئقا خوشحال ٿيندا.