خيرپور – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري رهندا، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ملندڙ عطيا شفاف طريقي سان خرچ ڪيا ويندا، ٻوڏ متاثرين کي گهر ??عم??ر ڪري ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ متاثر ضلعي خيرپور جي تعلقي ڪوٽڏيجي ۽ پير ڳوٺ جي دوري جي مو??عي تي ٻوڏ متاثرين کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??و??عي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ صوبائي حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين کي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پيو اهي، ٻوڏ سان صوبي ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، وفاقي حڪومت صوبائي حڪومت کي ڀرپور وسيلا فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرين ۾ 70 ارب رپيا ورهايا آهن، عوام جي خدمت ۽ انهن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته بحالي ۽ نئين سر ??عم??ر جو ڪم ڪافي حد تائين مڪمل ٿي چڪو آهي جڏهن ته دادو جي پاڻي هيٺ عل??ئقن مان ??اڻي ڪڍڻ تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ سان 90 لک ٻارن سميت اٽڪل 2 ڪروڙ ماڻهن کي حڪومت پاران امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ خوراڪ ۽ دوائن جي فراهمي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اربين رپيا گهربل آهن. هن چيو ته عالمي سطح تي ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ انتهائي معمولي حصو هجڻ جي باوجود پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جو مسئلو درپيش آهي. هن وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ ۾ 2 ارب 75 ڪروڙ رپين جا عطيا ڏيڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين کي ساراهيو ۽ چيو ته اها رقم ٻوڏ متاثرين جي ڀلائي لاءِ شفاف طريقي سان خرچ ڪئي ويندي. هن ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جي مناسب رهائش جي لاءِ گهر ??عم??ر ڪندي. هن خيرپور ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽي جي ڪئمپس جي قيام جو پڻ اعلان ڪيو. وزيراعظم عارضي ڪئمپن ۾ ٻوڏ کان ??تاثر ماڻهن سان ??لاقات ڪئي ۽ انهن کي حڪومت پاران ??راهم ڪئي ويندڙ سهولتن بابت پُڇاڳاڇا ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کي ٻوڏ کان ??تاثر عل??ئقن ۾ جاري بحالي ۽ نئين سر ??عم??ر جي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اڪثر ٻوڏ سٽيل عل??ئقن مان ??اڻي ڪڍيو ويو آهي ۽ بجلي جي فراهمي مڪمل طور تي بحال ٿي چڪي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف کي اڏام دوران اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ٻوڏ کان ??تاثر عل??ئقن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي چيئرمين وزيراعظم کي متاثر عل??ئقن مان ??وڏ واري پاڻي کي ڪڍڻ ۽ بحالي جي ڪاررواين کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم متاثر عل??ئقن مان ??وڏ جو پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم تيز ڪرڻ، اضافي مشينري، افرادي قوت ۽ وسيلا استعمال ۾ آڻڻ ۽ سرديءَ جي اچڻ جي ڪري متاثرين جي بحالي جي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته صوبائي حڪومتن ۽ ادارن جي ٻوڏ متاثر عل??ئقن ۾ ڏينهن رات جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته هي هڪ قومي خدمت آهي، قومي خدمت جي جذبي سانئي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم ٻوڏ کان ??تاثر عل??ئقن جو فضائي جائزو پڻ ورتو ۽ بحالي جي ڪم جو معائنو ڪيو.