اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ڪارڪردگي ۽ پيداوار ۾ اضافي جي لاءِ تحقيق ۽ ترقي ۽ جدت آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي دفاعي پيداوار جي شعبي ۾ ترقي جي وڏي صلاحيت موجود آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظ??ار پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز واه جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر کي پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪ??ري جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. هن چيو ته جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري ۽ انساني وسيلن جي سگ??ه مسلسل اضافي سان ان صلاحيت مان ڀرپور فائدو کڻي سگ??جي ٿو. صدر چيو ته موجوده منڊين ۾ پنهنجي پوزيشن مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ چين سپلائي جي شعبي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ضروري آهي. پاڪستاني دفاعي مصنوعات اعليٰ معيار رکندڙ، موثر، مختلف حالتن ۾ قابل اعتماد ۽ گهٽ قيمت آهن. صدر پاڪستان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪ??ري جي ڪردار کي ساراهيو. هن پاڪستاني فوج ۽ ٻي?? سيڪيورٽي ايجنسين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ فيڪ??ري جي ڪردار کي ساراهيو. صدر آرڊيننس فيڪ??ري جي مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي هن کي پيداواري عمل تي بريفنگ ڏني وئي. ڊاڪٽر عارف علوي تيار ڪيل ۽ ڊسپلي تي موجود مختلف دفاعي مصنوعات ۾ گهري دلچسپي ورتي.